ميهڙ (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ ڪجهه مهينا اڳ گهر آڏو بيدردي سان قتل ڪيل ڪرم الله چانڊيو سميت ٽن ڄڻن جي قتل جا مک جوابدار ۽ ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيل سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف اڄ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي هڻڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. يو سي ٻليدائي جي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل جا سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ اُمِ رباب چانڊيو پاران سنڌ حڪومت کي هڪ هفتي واري ڏنل مهلت ڇنڇر تي ختم ٿي وئي آهي. ام رباب پاران اعلانيل ڌرڻو سندس اڳواڻي ۾ آچر ڏينهن انڊس هاءِ وي تي هنيون ويندو. ڌرڻي جي لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي. ڌرڻي ۾ ميهڙ، دادو ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کانسواءِ مختلف علائقن مان سول سوسائٽي، مختلف سياسي پارٽين جا ڪارڪن ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندا.
Check Also
چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …