هالا (رپورٽر سنڌسماءَچار) مٽياري ويجهو قومي شاهراهه جي ڪناري تي بيٺل ڄاڃين سان ڀريل ڪوسٽر کي ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڄڻن سميت 17 ڄاڃي فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آحن، حادثي جو ڪارڻ بڻجندڙ ٽرالر جو ڊرائيور ڀڄي ويو آهي. ڳو ٺ محمد ھاشم زنئورجا ڳوٺاڻا قاضي احمد ويجهو ڳوٺ پنهوخان زنئور مان شادي ڪري پنهنجي ماڳ ڏانهن وري رهيا هئا ته رستي ۾ سندن گاڏي جو ٽائر پنچر ٿي پيو. بگو شير بس اسٽا پ وٽ گاڏي جو ٽائر تبديل ڪيو پئي ويو ته پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرالر بيٺل ڄاڃين جي بس کي زوردار ٽڪر هنيو. بيٺل بس کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن معصو ۾ ٻان ۽ چئن عورتن سميت 17 ماڻهون ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جن مان 11 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي. حادثي جي نتيجي ۾ 13 زخمي ٿي پيا، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايڌي ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي مٽياري موٽروي پوليس ۽ ڳوٺاڻن ترت ئي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي هالا ، ڀٽ شاهه ۽ مٽياري ۽ حيدرباد جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو .حادثي جي فوتين ۾ 12 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي ڪٽنب سان آهي .فوتين ۾ شهميرا ، شهنيلا‘، شاهد ، محمد سليم، امتياز ، ايوب ، امين ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ آفاق ، فضيلا ‘،شهناز ‘ ماجد ‘ ميرزادي ‘ثمينه ‘ شميم ‘ ام عليشاه شامل آهن.
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …