Monday , March 31 2025
Breaking News

نئين مالي سال2024-2023جي بجيٽ، مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ وارو

اسلام آباد ( خاص نمائندو  ) نئين مالي سال2023-2024جي بجيٽ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ وارو، کاڄرو ٿيل، دالين ۽ چانورن سميت عام استعمال جون شيون وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي، مختلف شين تي ٽيڪسز لاڳو ڪرڻ ۽ امپورٽيڊ شين تي مختلف ڊيوٽيز وڌائڻ جو فيصلو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ نئين مالي سال2023-2024جي بجيٽ بابت اجلاس ۾ بجيٽ جي مختلف مرحلن تي غور ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ نئين مالي سال2023-2024جي بجيٽ ۾ امپورٽيڊ لگزري شين تي ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز رکي وئي آهي، امپورٽيڊ موبائل فونز وڌيڪ مهانگيون ٿينديون ۽ 100 ڊالرز جي ماليت کان وڌيڪ واري موبائيل تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز رکي وئي آهي، امپورٽيڊ انرجي سيور بلب، فانوس ۽ ايل اي ڊيز به مهانگيون ٿينديون،  ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿيڻ سان 55 ارب رپين جي آمدني جو امڪان.

بجيٽ بابت اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، بجيٽ ۾ آبادگارن کي زرعي ڀاڻ تي سڌي ريت سبسڊي ڏني وڃي ان لاءِ گهڻ رخو منصوبو جوڙيو وڃي. وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي تعليم ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض ڏيڻ وارو منصوبو به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *