نارو( رپورٽر سنڌسماءَچار) ناري ۾ چينل 214 جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته بااثر پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. آبادگارن يتيم علي شنباڻي، انور شنباڻي، محمد علي ڀنڀرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته نارا ڪئنال جي چينل 214 ۾ هڪ مهيني کان پاڻي نه اچڻ سبب بيٺل فصل سڪي رهيا آهن. آبپاشي کاتي جي عملدارن کي پاڻي نه پهچڻ بابت شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته چينل 214 ۾ پاڻي ڇڏي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.
Check Also
لاڙڪاڻي جو بلڊر ۽ بااثر شخص ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا
خيرپور / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان مشهور بلڊر ۽ انتهائي …