نوشهروفيروز ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليوارو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو ٿي ويو آهي، سندس علاج لاءِ سنڌ سرڪار ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. سول سوسائٽي ۽ شهرين اختر درٻيلائي کي ريڙهي تي کڻي سندس علاج لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ٺاروشاهه ۾ صحافي ۽ اديب اختر درٻيلائي دل جي بيماري سبب بستري ڀيڙو آهي. سول سوسائٽي شهرين پاران حڳڪومت کان مطالبي باوجود سڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اختر درٻيلائي جي علاج لاءِ درٻيلو ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شاهد سولنگي، بابو اسلم ميرجت ۽ ٻين شهر ۾ اديب اختر درٻيلائي کي ريڙهي تي کڻي علاج لاءِ چندو گڏ ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جي بيحسي سبب هي قدم کنيو آهي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيو پر ثقافت کاتي پاران ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي، جنهن سبب اڄ مجبور ٿي هن جي علاج لاءِ شهر ۾ خيرات وٺي رهيا آهيون. سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته شاعر اختر درٻيلائي جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.
Tags Akhtar Darabbelai Akhtar Darbelaee Akhtar Darbelai Akhtar Darbellai Darbelai Akhtar
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …