نامزدگي فارمز رد ٿيڻ خلاف اميدوارن جون اپيلون ٻڌڻ ۽ اعتراضن بابت ٽربيونلز قائم

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ اندر 25 هين جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوارن تي داخل ڪيل اعتراضن تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ٽربيونلز قائم ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران سڄي ملڪ اندر قائم ڪيل 20 اليڪشڻ ٽربيونلز نامزدگي فارمز جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي فارمن تي داخل ٿيل اعتراضن تي ٻڌڻيون ڪندا. جن به اميدوارن جا نامزدگي فارمز رٽرننگ آفيسرز پاڻ اعتراض لڳائي رد ڪيا يا وري ڪنهن جي درخواست تي رد ڪيا ويا، انهن سمورن معاملن جي ٻڌڻي اليڪشن ٽربيونلز ڪندا.

 اميدوار 22 جون تائين اپيلون داخل ڪرائي سگهندا. اليڪشن ڪميشن سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب هاءِ ڪورٽس جي ججز تي ٻڌل  20 ٽربيونلز جوڙيا ويا آهن، انهن ججز جي مقرري وري لاڳاپي هاءِ ڪورٽس ڪچنديون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پنجاب لاءِ 8،ڪي پي ڪي لاءِ 6 سنڌ لاءِ چار ۽ جڏهجن ته بلوچستان لاءِ ٻه ٽربيونلز  قائم ڪياويا آهن . ايپلٽ ٽربيونلز 27 جون تائين انهن اپيلن  وارا معاملا اڪلائيندا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *