Tuesday , April 22 2025

نامزدگي فارمز رد ٿيڻ خلاف اميدوارن جون اپيلون ٻڌڻ ۽ اعتراضن بابت ٽربيونلز قائم

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ اندر 25 هين جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوارن تي داخل ڪيل اعتراضن تي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ٽربيونلز قائم ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن پاران سڄي ملڪ اندر قائم ڪيل 20 اليڪشڻ ٽربيونلز نامزدگي فارمز جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي فارمن تي داخل ٿيل اعتراضن تي ٻڌڻيون ڪندا. جن به اميدوارن جا نامزدگي فارمز رٽرننگ آفيسرز پاڻ اعتراض لڳائي رد ڪيا يا وري ڪنهن جي درخواست تي رد ڪيا ويا، انهن سمورن معاملن جي ٻڌڻي اليڪشن ٽربيونلز ڪندا.

 اميدوار 22 جون تائين اپيلون داخل ڪرائي سگهندا. اليڪشن ڪميشن سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب هاءِ ڪورٽس جي ججز تي ٻڌل  20 ٽربيونلز جوڙيا ويا آهن، انهن ججز جي مقرري وري لاڳاپي هاءِ ڪورٽس ڪچنديون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  پنجاب لاءِ 8،ڪي پي ڪي لاءِ 6 سنڌ لاءِ چار ۽ جڏهجن ته بلوچستان لاءِ ٻه ٽربيونلز  قائم ڪياويا آهن . ايپلٽ ٽربيونلز 27 جون تائين انهن اپيلن  وارا معاملا اڪلائيندا.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *