نثار کهڙو ۽ ندا کهڙو رڪشا ڊرائيورز کي اڃا ڀاڙو نه ڏنو

    نثار کهڙو ۽ ندا کهڙو رڪشا ڊرائيورز کي اڃا ڀاڙو نه ڏنو، ڊرائيورن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ طرفان رڪشا جو ڀاڙو مبينا طور ادا نه ڪرڻ خلاف رڪشا ڊرائيورن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. رڪشا ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جي سڏ تي رڪشا ڊرائيورن گلزار گوپانگ جي اڳواڻي ۾ٽئين ڏينهن به جناح باغ چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ سندس ڌيءُ ندا کهڙو چونڊ مهم ۽ پولنگ ڊي تي ووٽرز لاءِ رڪشا ڀاڙي تي ورتا هئا، جن جو ڀاڙو ادا نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته ندا کهڙو تي رڪشا ڊرائيورن جا ساڍا 6 لک رپيا رهيل آهن، جيڪي ادا نه ڪرڻ زيادتي آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *