ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ملير ۾ ڪجهه مهينا اڳ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ نوجوان نقيب الله کي قتل ڪرڻ واري الزام ۾ رائو انوار جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ رائو انوار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. رائو انوار پاران داخل ڪرايل ضمانت واري درخواست تي اي ٽي سي ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت رائو انوار جي نقيب قتل ڪيس ۾ 10 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ضمانت جي منظوري واري حڪم ۾ اهو به چيو ته، جيڪڏهن رائو انوار تي ٻيو ڪو ڪيس ناهي ته، نقيب قتل ڪيس ۾ سندس ضمانت منظور ڪئي پئي وڃي، ضمانت لاءِ 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ سميت سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد آزاد ڪيو وڃي.
Tags court granted bail to Rao Anwar Rao Anwar successed to get bail نقيب قتل ڪيس جي مک جوابدار رائو انوار جي ضمانت منظور
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …