پشاور(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ننڍي چونڊ ۾ لاهور کانپوءِ پشاور ۾ سياسي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئي ويو آهي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ڪي 71 تي سخت مقبالي کانپوءِ اي اين پي ميدان ماري ورتو آهي، غير حتمي نتيجن مطابق، پي ٽي آءِ کي پشاور ۾ ناڪامي ڏسڻي پئجي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 71 پشاور تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق، عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار صلاح الدين يارنهن هزار 224 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. غير حتمي نتيجن مطابق، وفاق ۽ ڪي پي جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جو اميدوار هارائي ويو آهي، پي ٽي آءِ اميدوار ذوالفقار علي خان 9755 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ذوالفقار علي خان ڪي پي جي گورنر شاهه فرمان جو ڀاءُ آهي ۽ شاهه فرمان گذريل عام چونڊن ۾ ان تڪ تان ڪامياب ٿيو هو. شاهه فرمان گورنر ٿيڻ تي اها سيٽ خالي ڪئي هئي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …