مٺي(رپورٽ: ڀاواني راجا سنڌسماءَچار ) ننگرپارڪر جي خاصخيلي پاڙي ۾ پٿر دل پٽ ڪهاڙين جا وار ڪري پيرسن جيجل امڙ کي قتل ڪرڻ بعد طڀڄي ويو آهي، پوليس کيس گرفتار ناهي ڪري سگهي. خاصخيلي پاڙي ۾ جوابدار جمعو خاصخيلي ڪهاڙين جا وار ڪري ٻڍڙي ماءُ 70 وريهن جي مسمات زينب خاصخيلي کي قتل ڪرڻ بعد واقعي واري هنڌ تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. اطالع ملڻ تي پوليس واقعي واري گهر پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد رات دير سان مڙهه وارثن جي حوالي ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جوابدار ڏوهاري آهي، چوريون به ڪندو رهندو آهي، جوابدار چرس ۽ شراب جو به موالي آهي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …