نوازشريف آپگهاتي بمبار بڻجي 150 جي اسپيڊ سان ڊوڙي پيو: اعتزاز احسن

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي آپگهاتي بمبار قرار ڏيندي چيو آهي ته، نواز شريف ڏيڍ سئو جي اسپيڊ سان ڊرائيو ڪري رهيو آهي. پنجاب جي شهر گجرات ۾ هڪ تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته، نواز شريف حڪومت ذاتي مفادن لاءِ ٺاهي، هن ڪڏهن به جمهوريت لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اعتزاز احسن چيو آهي ته پنجاب پوليس شريف خاندان جي گهر جي لونڊي آهي. قصور واقعو پنجاب پوليس جي نااهلي جو وڏو ثبوت آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي دوري دوران شهباز ۽ نواز شريف وچ ۾ هٽ ڌرمي جو ثبوت آهي هڪ ئي ڏينهن هڪ ئي شهر مان 2 مختلف اڏامن تي اچڻ معنيٰ جوڳو آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ پاناما ريفرنس ۾ سزا فطري ڳالهه آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *