نواز شريف کي عهدي کان ڌار ٿيڻ جي ضرورت ناهي، جمعي ڏينهن منجهند 12 وڳي کان وزيراعظم جو عهدو خالي آهي: قانوني ماهر

Nawaz 1980Nawaz 19801

سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کان کانپوءِ پاڪستان جي وزيراعظم جو عهدو خالي آهي، سندس عهدي کان ڌار ٿيڻ واري اعلان جي ڪا به حيثيت ناهي رهي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ نواز شريف جي ناهل ٿيڻ واري مامري بابت سنڌسماءَچار کي آئيني ماهرن کان مليل ڄاڻ موجب، سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان نواز شريف ناهل ٿي ويو آهي ۽ هُو ان گهڙيءَ کان وزيراعظ۾ نه رهيو آهي جنهن وقت سپريم ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت صادق ۽ امين نه رهيو آهي، عهدي کان الڳ ٿي وڃي. آئيني مارهن موجب هاڻي اليڪشن ڪميشن پاران نواز شريف کي ڊي سيٽ ڪرڻ سميت ٻيو ڪو به نوٽيفڪيشن صرف خانا پوري برابر آهي.

آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت وزيراعظم جي ناهل ٿيڻ سان هاڻي ايم اين اي جي اهل نه رهيو آهي، پارٽي جو سربراهه بهه ناهي رهيو، ناهل ٿيڻ بعد نواز شريف پنهنجي ئي پارٽي مسلم ليگ ن جو بنيادي ميمبر به ناهي رهيو. نواز شريف هاڻي  صرف ۽ صرف ميان محمد نواز شريف ولد ميان شريف ئي رهيو آهي جيڪو هڪ ڪارخانيدار آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *