Monday , March 31 2025
Breaking News

نون ليگ نيب قانون کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو، ختم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچاي) نون ليگ جي اڳواڻن نيب جي قانونن کي ڪارو قانون قرار ڏيندي انهن جي خاتمي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شاهد خاقان ۽ ٻين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نيب کي سياست ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، نيب قانون جي خاتمي لاءِ سمورين سياسي جماعتن کي اڳتي اچڻ گهرجي، راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جڏهن ڊي جي نيب هلندڙ جاچ بابت ٽي وي تي اچي ڳالهائيندو ته پوءِ شفاف جاچ ڪيئن ٿي سگهندي.

ن ليگ ڊي جي نيب لاهور جَي ٽي وي انٽرويوز خلاف قومي اسيمبلي ۾ استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، پيپلزپارٽي پاران استحقاق واري رٿ جي حمايت ۽ حڪومت مخالفت ڪري ڇڏي، اسپيڪر رٿ کي ضابطن موجب قرار ڏئي ڇڏيو، نويد قمر چيو ته ميمبرن جي ميڊيا ٽرائل جي اجازت ڏني وئي ته ڪيترائي رڪارڊ ٽٽندا، فواد چوڌري اپوزيشن جي رٿ کي نيب جي جاچ تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *