گهوٽڪي(رپورٽر سنڌسماءَچار) بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏيڻ بهاني نوجوانن کان پئسا وٺندڙ آبپاشي عملدار پڪڙجي پيو آهي، اينٽي ڪرپشن ڪارروائي ڪندي کيس گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪلارڪ تي نوڪريون ڏيارڻ بهاني ماڻهن کان لکين رپيا وٺڻ جو ڪيس داخل آهي. گهوٽڪي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پوليس ڪاروائي ڪري آبپاشي کاتي جي هيڊ ڪلارڪ محمد شريف گهوٽو کي گرفتار ڪري ورتو. اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته گرفتار ڪيل هيڊڪلارڪ تي ماڻهن کان نوڪريون ڏيارڻ بهاني لکين روپيا وٺڻ جو ڪيس داخل آهي. هن وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل هيڊ ڪلارڪ خلاف وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Check Also
سنڌوءَ تي ڌاڙو، زمينن تي والار نامنظور، ٻٻرلوءِ وٽ وڪيلن جو ڌرڻو جاري
ٻٻرلوءِ / خيرپور( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) “سنڌو درياءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي …
سنڌسماءَچار