سکر ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي نيب آفيسر سڏائي پئسا وٺندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار بابت ڪيتري عرصي کان شڪايتون ملي رهيون هيون، سندس پيڇو ڪري اڄ ڄامشوري مان گرفتار ڪيو آهي. نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.نيب سکر ڄامشورو ۾ ڪارروائي ڪري نيب جي جعلي آفيسر ارشاد چنا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار مختلف بهانن سان سرڪاري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري انهن کان رقم وٺندو هو. نيب اختيارين موجب جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Check Also
سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر
سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ …