نيب جي هٿان بدين جو اڳوڻو ڊي سي شوڪت جوکيو کي نيب ٻيهر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر  سنڌ سماءَ چار) نيب ڪراچي ڪارروائي ڪندي ملير جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر شوڪت جوکيو کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو آهي، شوڪت جوکيو کي عيد کان اڳ  ضمانت منظور ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو هو. نيب جو چوڻ آهي ته شوڪت جوکيو کي ڀينس ڪالوني ۾ 256 ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضا ڪرائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. نيب جو چوڻ آهي ته شوڪت جوکيو ڊي سي ملير هئڻ وقت ڀينس ڪالوني ۾ 256 ايڪڙ سرڪاري زمين کي ڪي ايم سي جي ملڪيت ڄاڻائي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي. نيب موجب سرڪاري زمين تي پلاٽنگ ڪري 300 پلاٽس چائنا ڪٽنگ ڪيا ويا، ان ڪيس ۾ شوڪت جوکيو کي گرفتار ڪيو ويو آھي. نيب جو چوڻ آهي ته هن ڪيس ۾ ملوث ٽن جوابدارن مان شوڪت جوکيو کي سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *