Monday , February 24 2025

نيب جي وڏي ڪارروائي، اين ٽي ايس هيڊڪوارٽرز اسلام آباد تي ڇاپو، چيئرمين سميت 4 اهم عملدار گرفتار

اسلام آباد: ( سنڌ سماءَ چار نيوز) سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ داخلائن لاءِ ورتل اين ٽي ايس ٽيسٽ جو پيپر اڳواٽ ئي آئوٽ ٿيڻ واري معاملي جو نيب چيئرمين پاران نوٽيس وٺڻ بعد اين ٽي ايس هيڊڪوارٽرز تي ڇاپو هنيو ويو. نيب ٽيم جي اڳواڻي ۾ ايف آءِ اي ۽ ايف بي آر جي جي عملدارن ڪارروائي ڪري ضروري ڪاغذ پٽ پنهنجي قبضي ۾ ورتا. نيب ٽيم نيشنل ٽيسٽنگ سروسز جي چيئرمين شير زاده ۽ چئن ڊائريڪٽرز کي گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي ويا.

ميڊيڪل يونيورسٽيز ۾ داخلائن لاءِ ڪرايل انٽري ٽيسٽس ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جي دانهن کانپوءِ نيب اسلام آباد مان اين ٽي ايس جي چيئرمين شير زاده سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري سمورو رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي ٽيم اين ٽي ايس جي هيڊ آفيس تي چڙهائي ڪري سمورو ريڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. تڪراري انٽري ٽيسٽس خلاف سنڌ ۽ پنجاب ۾ اميدوارن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو هو. شاگردن جو چوڻ هو ته ميڊيڪل يونيورسٽيز جي انٽري ٽيسٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي پرچو آئوٽ ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

پيپلزپارٽي پاران بنگالين، برمين ۽ بهارين کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جو مطالبو

سنڌ ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين، برمين ۽ بهارين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *