Tuesday , March 11 2025

نيب نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن صفدر خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين ڪئپٽن صفدر خلاف ڪرپشن مامري جي جاچ جي منظوري ڏني آهي. نيب هيڊڪاورٽر اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪرپشن جي مختلف ڪيسز جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران نيب چيئرمين نواز شريف جي ناٺي ۽ ن ليگ جي ايم اين اي ڪئپٽن صفدر خلاف جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب ترجمان جو چو آهي ته، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جا الزام آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي. مٿس الزام آهي ته، هن غير قانوني طور تي 9 ارب ارپيا ڏيڻ واري معاملي، 30 ڪنال جي پلاٽ، هڪ ڪنال جي گهر ۽ مانسهره ۾ 300 ايڪڙن کان وڌيڪ جي زمين آهي، جيڪا ملڪيت سندس آمدني کان تمام گهڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

“سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍي رهيا آهيون”: واپڊا چيئرمين جو کِل جوڳو دليلُ

سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪچڻ بابر واپڊا چيئرمين جو کِلَ جوڳو دليلُ، “ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *