نيب نواز شريف جي ناٺي ڪئپٽن صفدر خلاف جاچ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) نيب چيئرمين ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين ڪئپٽن صفدر خلاف ڪرپشن مامري جي جاچ جي منظوري ڏني آهي. نيب هيڊڪاورٽر اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪرپشن جي مختلف ڪيسز جو جائزو ورتو ويو، جنهن دوران نيب چيئرمين نواز شريف جي ناٺي ۽ ن ليگ جي ايم اين اي ڪئپٽن صفدر خلاف جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب ترجمان جو چو آهي ته، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جا الزام آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي. مٿس الزام آهي ته، هن غير قانوني طور تي 9 ارب ارپيا ڏيڻ واري معاملي، 30 ڪنال جي پلاٽ، هڪ ڪنال جي گهر ۽ مانسهره ۾ 300 ايڪڙن کان وڌيڪ جي زمين آهي، جيڪا ملڪيت سندس آمدني کان تمام گهڻي آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *