ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪراچي منتقل ڪري نيب هيڊڪوارٽرز ۾ رهايو ويو آهي. اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ نيب ڪراچي پاران نيب راولپنڊي جي مدد سان گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. نيب پاران احتساب عدالت اسلام آباد مان سندس ٽن ڏينهن جو راهداري رمانڊ وٺڻ کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. نيب ڪراچي جي ٽيم آغا سراج دراني کي اسلام آباد کان جيئن ائين ڪراچي ايئرپورٽ پهچايو ويو ته، کيس جهاز مان لهڻ شرط خصوصي گاڏي ذريعي نيب ٽيم رن وي تان ئي کيس سڌو نيب هيڊڪوارٽرز ڪراچي منتقل ڪري ڇڏيو. جتي سندس طبي معائنو به ڪيو ويو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪري سندس جسماني رمانڊ ورتو ويندو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته نيب پاران حراست ۾ ورتل ٻن ماڻهن جي به اڄ ئي گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪندي.
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …