نيب پاران بلوچستان جي اڳوڻي وزير صادق عمراڻي خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع

اسلام آباد( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين بلوچستان جي اڳوڻي وزير صادق عمراڻي خلاف سرڪاري زمين سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب نيب چيئرمين ڪلرڪ ايسوسي ايشن بلوچستان جي تڪراري 15 ايڪڙ زمين سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي صوبائي وزير صادق عمراڻي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب ترجمان موجب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال، نيب ڪي پي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ياور حسين بنگش خلاف به ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ جي منظوري ڏني آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ڪرپشن جو خاتمو قوم جي آواز آهي.هن چيو ته نيب قوم جي خواهش تي ڪرپشن جي خاتمي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي احتساب تي عمل ڪري رهيو آهي.نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *