ڪراچي ( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب مختلف وقتن تي ڪارروايون ڪري پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي علائقي ٿاڻو بولا خان ۾ 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي زمين سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان پاران ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، ڄاڻايل زمين جي 731 ايڪڙ ايراضي ٿاڻي بولا خان جي ديهه بابر بند ۾آهي، ٻي زمين ٻين ديهن ۾ آهي. هن چيو ته نيب اختيارين 17 اپريل 2018 تي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي روينيو رڪارڊ ۾ جعلي داخلائن ۾ ملوث آهن. نيب ترجمان چيو ته جوابدار سرڪاري ملازمن سان گڏجي رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري سرڪاري زمين جي غلط داخلا ڪري قبضا مافيا کي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث آهن. نيب ترجمان چيو ته سپر هاءِ وي جي آسپاس 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين جعلسازي ذريعي مختلف هائوسنگ اسڪيمز کي الاٽ ڪئي وئي، جنهن جي قيمت تقريبن 75 ارب روپيا آهي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …