نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ٿئي ها ته هي ڏينهن نه ڏسون ها:بلاول ڀٽوزرداري

ڪراچي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طور عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان وٽ دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف کنيل قدمن ۽ ڪيل ڪاررواين جا ثبوت موجود هجن ها. هڪ پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته، جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي هر وقت ان جي هر شق ۽ روپح مطابق مسلسل عمل ٿيندو رهي ها ته، هن وقت دنيا آڏو پاڪستان جي پوزيشن مختلف هجي ها، نه رڳو ڀارت کي اسان مٿان انتهاپسندي جو الزام لڳائڻ جو جواز نه هجي پر اسان وٽ انتهاپسندن خلاف ڪيل ڪاررواين جا ثبوت به موجود هجن ها. انٽرويوءَ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪندي چيو ته، هن ڀيري نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏوگڏ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي کي به سرگرم ڪيو ويندو. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ پ پ چيئرمين، حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته، تحريڪ انصاف ان قسم جي پابندي مڙهيل تنظيمن جي سهڪار سان اليڪشن وڙهي هئي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪاررواين ۾ سنجيده آهي ته انهن تنظيمن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پنهنجي حڪومت مان اهڙن وزيرن کي به نيڪالي ڏيڻي پوندي جيڪي اهڙين تنظيمن جي حمايت ڪري رهيا آهن يا حمايت ڪندا رهيا آهن.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *