Tuesday , April 1 2025
Breaking News

نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”: وڏو وزير مراد علي شاهه

نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”، صدر آصف زرداري جي گرين پاڪستان انيشيٽو بابت اجلاس جي منٽس ۾ ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هڪ ٻي وڏي دعويٰ، وڏو وزير مراد علي شاهه چئن ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب ڏيڻ ۾ ناڪام، ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي رد ٿيل ماڻهن جي تحريڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) نَهَن کي نَوَ ڪوٽ، “ ڪئنال نه پيا ٺهن”، صدر آصف زرداري جي گرين پاڪستان انيشيٽو بابت اجلاس جي منٽس ۾ ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي هڪ ٻي وڏي دعويٰ، وڏو وزير مراد علي شاهه چئن ڪلاڪن جي پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب ڏيڻ ۾ ناڪام، ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ کي رد ٿيل ماڻهن جي تحريڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي ولڏي وزير سيد مراد علي شاهه سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌو درياءَ مان6نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي بابت پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي پڇيل سوالن جي جوابن ۾ صحافين کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بار بار اها  ڳالهه ورجائيندو رهيو ته سنڌو درياءَ مان ڪي به ڪئنال نه پيا ڪڍيا وڃن، ڪئنالن ڪڍڻ جو منصوبو ضرور جوڙيو ويو آهي پر انهن تي ڪو به ڪم ناهي ٿي رهيو. مراد علي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته چولستان ڪئنال ڪڍڻ جو ڪم شروع ئي ناهي ٿيو، ته ان تي احتجاج اجايو آهي، سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن اُهي عوام جا رد ڪيل ماڻهو آهن. هن چيو ته چولستان ڪئنال تي ٿيندڙ ڪم جون جيڪي به وڊيوز سامهون آنديون ويون آهن اُهي اصل ۾ پنجاب حڪومت طرفان ٺاهيل ماڊل جون جون آهن جيڪو مشڪل سان پنج کان ڇهه سئو ميٽر ٿيندو، اهو ڪئنال جو صرف ماڊل آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اهو اعتراف ڪيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيٽو پروگرام ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو پروگرام آهي، پر ان لاءِ ڪئنالن تي ڪم نه ٿي رهيو آهي، هن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ زمينون به الاٽ ڪيون ويون آهن ۽ ان تي سيڙپاڪري ڪندڙ ڪمپنين کي سنڌ حڪومت قرض به جاري ڪري چڪي آهي.

پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه هڪ وڏي دعويٰ اها به ڪئي آهي ته، صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ گرين انيشيٽو پروگرام بابت ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس جا جاري ڪيل آفيشل منٽس ٽوڙي مروڙي پيش ڪيا پيا وڃن انهن منٽس ۾ ٽيمپرنگ ڪري جاري ڪيا ويا آهن. وڏي وزير ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ اهم آئيني سربراهه صدر پاڪستان جي صدارت هيٺ هڪ منصوبي بابت ٿيل اهم اجلاس جنهن ۾ ملڪي ادارن جا اهم ذميوار به شريڪ هئا، ان اجلاس جي منٽس ۾ هيراڦيري / ٽيمپرنگ ٿيڻ جي دعويٰ  ڪئي وئي آهي، تعجب ته هو به آهي ته صدر آصف زرداري اهڙي وڏي ٽيمپرنگ جي ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود نه ايوان صدر ترديد ڪئي آهي نه ئي گڏيل پارليمينٽ جي اجلاس ۾ صدر آصف زرداري ان جي ڪا وضاحت ڪئي. ڇا ايوان صدر جي اهم سرڪاري عهديدارن صدر مملڪت جي صدارت هيٺ اجلاس جا منٽس صدر جي منظوري کانسواءِ ئي رڪارڊ جو حصو بڻايا ويا آهن، جيڪو ممڪن ناهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي به صحي ته مطلب صدر آصف زرداري حيثيت باقي بچي ڇا ٿي؟. وڏي وزير مراد علي شاهه جو اهڙو بيان وضاحت کان وڌيڪ صدر مملڪت جي حيثيت تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي سموري پريس ڪانفرنس مان ڪئنالن جي زباني ڪلامي مخالفت پنهنجي جاءِ  تي پر وڏو وزير صدر جي ان اجلاس جي منٽس جي هڪ حصي يعني گرين ڪئنالن بابت ٽيمپرنگ ٿي، باقي گرين انيشيٽو لاءِ سنڌ جون زمينون الاٽ ڪرڻ، سنڌ جي اهم سياحتي مرڪزن جي نشاندهي ڪرڻ ٿر سفاري ٽرين سميت ٻين منصوبن تي ڪو به اعتراض ناهي ڪوي ويو، ان اجلاس ۾ انهن بابت ڪيل فيصلن تي ته لڳ ڀڳ ستر سيڪڙو عملدرآمد ٿي ويو آهي، بدين جي ڀڳڙا ميمڻ ڇاڇرو ۽ ڇور ۾ نه رڳو زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن پر اتي صدين کان رهندڙ لکين ڌرتي ڌڻين کي گهر / ڳوٺ جلد کان جلد خالي ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، وڏي ڳالهه اها به آهي ته وڏو وزير جيڪو صوبي جي انتظامي سربراهه آهي ان ماڻهن جي بيدخلي واري عمل کان بلڪل اڻڄاڻائيءَ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن مان به سندن سنڌ جي ماڻهن کان لاتعلقي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جتي اهو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو صدر آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت سموري پيپلزپارٽي جي وضاحتن ۽ ڪئنالن جي مخالفت تي اعتبار نه ٿا ڪن، هُو سنڌ جي  ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن، ته ٻئي پاسي وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وزيراعليٰ هائوس ۾ چئن ڪلاڪن تائين ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ صحافين جي صحافين جي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب به ناهن ڏئي سگهيا.

مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس دوران ۽ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هڪ ڀيرو وري اها ڳالهه ورجائي ته ته چولستان يا ڪنهن ٻئي ڪئنال تي ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، پنجاب حڪومت ته صرف ماڊل ڪئنال جي پنج کان ڇهه سئو ميٽر جو افتتاح ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه کي گرين پاڪستان انيشيٽو سميت اهم منصوبن تي عمل جي هدايت

About admin

Check Also

کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ مائينگ، سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

کيرٿر نيشنل پارڪ ۽ کيرٿر جي جابلو پٽي جي تحفظ لاءِ پهرين ڪامياب وِک، کير …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *