Tuesday , April 1 2025
Breaking News

نگران حڪومت جوڙڻ لاءِ پ پ سان صلاح نه ڪنداسين: نواز شريف

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته، نگران حڪومت جوڙڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڪو به صلاح مشورو نه ڪنداسين، پيپلز پارٽي اسان سان دوکو ڪيو آهي. اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپسي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته، اسان ميثاق جمهوريت جي هڪ به نقطي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي ۽  نه ڪيون پيا، بلاول ڀٽو زرداري غلط بياني ڪري رهيو آهي. بلاول کي گهرجي ته ٻيو ڪنهن کان نه ئي صحي پر پ پ جي سينئر اڳواڻن کان ئي پڇا ڪري ڏسي ته ميثاق جمهوريت جا بخيا ڪنهن اڊيڙيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته، موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد نين عام چونڊن لاءِ نگران حڪومت جوڙڻ واري مرحلي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪنهن به صورت ۾ صلاح مشورو نه ڪنداسين، ڇو ته پ پ واران اسان سان دوکو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *