Tuesday , April 22 2025

ن ليگ جي قائد نواز شريف ۽ مريم نواز جي تقريرن تي پابندي لڳي وئي

لاهور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ  ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جي دليه مخالف  لائيو تقريرون نشر ڪرڻ تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مطاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ جسٽس عاطر محمود ۽ جسٽس مسعود جهانگير تي ٻڌل ٽن ميمبر واري بئنچ نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز سميت ن ليگ جي ٻين اڳواڻن خلاف عدليه مخالف تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪرڻ خلاف داخل هڪ جهڙين ڌار ڌار درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران جسٽس مطاهر علي نقوي ڄاڻايل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت ن ليگ جي تاحيات قائد ، مريم نواز ۽ ٻين ن ليگي اڳواڻن جي عدليه مخالف تقريرن تي عارضي طور پابندي لڳائڻ جو حڪم ٻڌايو. لاهور هاءَ ڪورٽ درخواست بابت پيمرا کي به هدايت ڪئي ته عدليه مخالف تقريرن تي جمع ڪرايل درخواستن تي تڪڙيون ٻڌڻيون/ڪارروائي ڪري 15 ڏينهن جي اندر فيصلو ٻڌايو وڃي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ اهو به چيو ته، پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد، ان جي ڌيءُ سميت جيڪڏهن ڪو ب ه شخص عدليه مخالف تقريرون يا پريس ڪانفرنسز ڪندو ته پيمرا انهن کي روڪڻ جي پابند هوندي. لاهور هاءِ ڪورٽ اهڙو فيصلو، عدليه مخالف تقريرن بابت ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي درخواست تي ٻڌايو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *