ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَچار) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ناصر حسين شاهه چيو آهي ته نواز ليگ کي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪرڻ کان اڳ اتحادين سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن ها، ايوان ۾ ميمبرن صرف نواز شريف لاءِ احتجاج ڪيو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته گذريل ڏينهن چيو ويو ته مخالف ڌر جو اتحاد ٽٽي ويو آهي، پر ان ڪابه حقيقت ناهي. نواز ليگ کي وزيراعظم جو اميدوار آڻڻ لاءِ چيو ويو ، پيپلزپارٽي کي شهباز شريف جي نالي تي خدشا آهن. ناصر حسين شاهه چيو ته گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران پيرسن انور مجيد کي گرفتار ڪيو ويو، اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …