Wednesday , January 22 2025

ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اتحادي حڪومت18مهينن جي مهمان: عالمي اداري جي اڳڪٿي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) مجودهه حڪومت 18 مهيننن جي مهمان آهي، عمران خان قيد يا نظربند ئي رهندو، 8فيبروريءَ جي چونڊن ۾ باني پي ٽي آءِ جا حامي آزاد اميدوار اڪثريت ۾ ڪامياب ٿيا. عالمي اقتصادي ريٽنگ ايجنسي ”فِچ“ پنهنجي رپورٽ ۾ اڳڪٿي ڪندي ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ موجوده ن ليگ جي حڪومت18مهينن تائين برقرار رهي سگهندي، هلندڙ سال18هين فيبروريءَ تي پاڪستان ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيا، جن کي تحريڪ انصاف جي جيل ۾ قيد باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي ئي حمايت حاصل هئي، فِڇ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته عمران خان ايندڙ وقتن ۾ قيد يا نظر بند رهندو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي شهرن ۾ احتجاج معاشي سرگرميون متاثر ڪري سگهن ٿا. فچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف سان گڏجي معاشي سڌارا آڻيندي. فچ جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي آخر تائين پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي سگهي ٿي، وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي ۽ امڪان آهي ته اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح کي گهٽث ڪري14سيڪڙو تائين آڻي. پاڪستاني معيشت بابت موڊيز جي رپورٽ موجب عالمي ادارا ۽ ٻيا ملڪ پاڪستان کي فنڊ فراهم ڪندا. موڊيز به پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پوزيشن کي نازڪ قرار ڏنو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ پاڪستان کي ٽيڪسن بابت ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، ڪمزور گورننس حڪومتي سڌارن کي اڳتي وڌڻ ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري سگهي ٿي.

About admin

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *