ها مان ڪرپٽ پيپلن لاءِ ڏانئڻ آهيان: نصرت سحر عباسي
Asghar Azad
February 5, 2019
Uncategorized, سنڌ
970 Views
ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) ها مان پ پ وارن لاءِ ڏانئڻ آهيان، اهڙو سخت جواب ڏنو آهي نصرت سحر عباسي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي منور وساڻ جي بيان تي. منور وساڻ سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي جي ڊي اي جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي کي ڏانئڻ قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ نصرت سحر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي، منور وساڻ جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته، ڏانئڻ جي لاءِ مشهور آهي ته اُها انسانن جو هيانءُ ڪڍي کائيندي آهي؛ ها مان به پيپلز پارٽي وارن لاءِ ڏانئڻ آهيان. هن چيو ته مان اُها ڏائنئڻ آهيان جيڪا سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائيندي آهيان. رمشا وساڻ هجي، نائلا رند هجي يا ڪو ٻيو هجي مان انهن سان گڏ آهيان. هاڻي هنن جي هڌيانءُ تي ويهي سنڌ جي ڳالهه ڪندس. پيپلز پارٽي وارن جي هنيانءُ تي ويهي ڳالهائينديس. هُن اپيل ڪئي ته ڪوٽڏيجي، خيرپور ۽ سموري سنڌ جو عوام رمشا وساڻ جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ متحده ٿئي.