Tuesday , April 22 2025

هن سال بئنڪ ۾ 38 هزار رپيا رقم تي زڪوات لاڳو ٿيندي،پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽ آجا هوندا

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اسٽيٽ بينڪ رمضان شريف دوران  زڪوات ڪٽوتي جي لاءِ نصاب 38 هزار رپيا مقرر ڪري ڇڏيو،پهرين رمضان تي سيونگ اڪائونٽس ۾ 38 هزار رپيا يا وڌيڪ رقم هوندي ته 12 ڏهائي 5 سيڪڙو جي شرح سان زڪوات ڪاٽي ويندي،ڪرنٽ ۽ فارين اڪائونٽس تي ڪابه زڪوات نه ڪاٽي ويندي. اسٽيٽ بينڪ پاران هر سال جيان هن سال به پهرين رمضان تي زڪوات جي ڪٽوتين جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن. اسٽيٽ بينڪ هن ڀيري زڪواٽ جي ڪٽوتي لاءِ نصاب 38 هزار رپيا مقرر ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان واضح ڪيو ته زڪوات رڳو سيونگز اڪائونٽس مان ڪاٽي ويندي، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ پرڏيهي ڪرنسي جا اڪائونٽس زڪوات کان آجا هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *