Sunday , February 23 2025

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي، حڪومت ۾ اچي پاڪستسان جي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا هڪ سئو ارب ڊالرز تائين پهچائيندس، جيالا صبر ڪن، صبر جو ڦل ملندو اُهو سوچ کان به مٿي هي”، اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته، هُو ڪيترو به چاهين پر ٻن مهينن ۾ اليڪشن نه ٿي سگهندي، اليڪشن تڏهن ٿيندي جڏهن مان چاهيان، بلاول هائوس لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي آصف زرداري جو چوڻ هو ته، مان 14 سال جيل ۾ گذاريا آهن، ان دوران معيشت جو وڏو مطالعو ڪيو آهي، پهريان حڪومت ۾ آيس ته مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 24 ارب ڊالرز تائين پهچايا هئا، هاڻي حڪومت ملي ته ملڪي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا هڪ سئو ارب ڊالرز تائين پهچائيندس. هن پارٽي ڪارڪنن سان مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان صبر ڪيو، صبر جيڪو ڦل کين ملڻ وارو آهي ان جو هُو اندازو به نٿا ڪري سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *