اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ ۾ سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت، معاملوڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ موڪلڻ جو مطالبو، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پيپلزپارٽي جي مهملي رٿ تي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته اوهان هڪ ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ اڌ پاڪستان کي بنجر بڻايو پيو وڃي، خدارا ملڪ جي عوام تي ڪو رحم ڪيو. شيري رحمان چيو ته ڪئنالن وارو معاملو سي سي آءِ ڏانهن موڪليو وڃي، اها غلط بياني نه ڪئي وڃي ڪئنال ٺاهڻ لاءِ ڪنهن راضپو ظاهر ڪيو آهي، ڪئنال واري منصوبي تص ڪنهن به راضپو ظاهر ناهي ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي بحران سبب70 لک ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي. 20 سال اڳ ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءُ ڀريل وهندو هو ۽ ڊائون اسٽريم جون زمينون آباد هيون، سامونڊي پٽي ۾ زراعت بهترين اپت ڏيندي هئي. هن چيو ته سنڌ دانهون ڪري پئي پر وفاق ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.
ان موقعي تي ن ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پنجاب سنڌو مان پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪئنال ڪڍي پيو، 1991ع جي ارسا معاهدي تحت پنهنجي حصي جي پاڻي مان واهه يا ڪئنال ڪڍڻ ڏوهه ناهي، وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي مهملي رٿ ۾ لڳايل الزامن مان هڪ به درست ناهي.