Tuesday , March 11 2025

وارهه ۾ سڱاوتي تڪرار 2 انساني جانيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻو ( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) وارهه جي ڳوٺ غازي خان ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن عزيزن ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 انساني جانيون موت جي منهن ۾ هليون ويون ۽ ٻه ڄڻا زخمي به ٿي پيا. وارھه ويجهو مرکنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ نينگر سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ غازي خان مرکنڊ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيڻ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ گدا حسين مرکنڊ ۽ نادر حسين مرکنڊ مارجي ويا. گوليون لڳڻ سبب نوجوان جميل مرکنڊ ۽ 6 ورهين جو نينگر سمير مرکنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي وارهه جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو آهي. پوليس ٻنهي نوجوانن جا لاش تعلقي اسپتال وارهه مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون

سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *