حيدر آباد( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ پاران قائم ڪيل واٽر ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم حيدرآباد جي فلٽر پلانٽس جو دورو ڪندي حڪم جاري ڪيو آهي ته سموري سنڌ ۾ سروس اسٽيشن جي لاءِ سنڌ حڪومت پاليسي جوڙي ۽ سروس اسٽيشن تي پاڻي جي فراهمي جي لاءِ فيلو ميٽر لڳايا وڃن. واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم لطيف آباد نمبر چار فلٽر پلانٽ جو دورو ڪيو.فلٽر پلانٽ 2009 ۾ ضلعي حڪومت ٺاهيو هو،جنهن کي 2011 تائين هلايو ويو.ان کانپوءِ واٽر پلانٽ واسا جي تحويل ۾ ڏنو ويو ۽ فلٽر پلانٽ جي مرمت نه ڪئي وئي آهي. واٽر ڪميشن جي سربراهه واسا جي ايم ڊي کان معلوم ڪيو ته لطيف آباد نمبر چار فلٽر پلانٽ جي مشينري ۽ پمپس ڪيڏانهن ويا. واسا جي ايم ڊي ٻڌايو ته مشينري ۽ پمپس ايمرجنسي ۾ ٻين جاين تي لڳايا ويا.ڪميشن جي سربراهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڏيو ته مشينري ڪيڏانهن وئي. پاڻي جي ماهر ڊاڪٽر احسن صديقي ،واٽر ڪميشن کي ٻڌايو ته سنڌو درياءَ جي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه هجڻ جي باوجود سروس اسٽيشنين کي پاڻي جي فراهمي جاري آهي.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …