گهوٽڪي (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان، مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن مراد علي شاهه ۽ عثامان بوزدار پاران نوٽيسز وٺڻ باوجود ڏهرڪي مان اغوا بعد زبردستي مذهب تبديل ڪرايل 2 سنڌي نياڻيون بازياب ٿي ناهن سگهيون، وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته رينا ۽ روينا کي گجرانوالا منتقل ڪيو ويو آهي، کين بازياب ڪرائي وٺنداسين. ڏهرڪي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪري پنجاب جي شهر خانپور منتقل ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرائي وئي هئي. ڏهرڪي مان اغوا ڪيل ٻن سنڌي نياڻين جي اغوا بعد مذهب تبديل ڪرائڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا تي زور شور سان اچڻ بعد نيٺ وزيراعظم عمران خان نوٽيس ورتو، وزاعظم سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي هدايت ڪئي ته رينا ۽ روينا کي فوري طور تي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي نوٽيس وٺڻ بعد مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي، پنجاب ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن عثمان بوزرداري ۽ مراد علي شاهه به معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن کي لڳ ڀڳ 24 ڪلاڪ گذري ويا آهن پر اغوا ڪيل ٻ ه ڀينر روينا ۽ رينا کي پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ڪو به ادارو هٿ ڪري نه سگهيو آهي.
Check Also
ڪراچي ۾ دهشتگردي، سينيئر وڪيل اڪرم ابڙو پٽ سميت قتل,2 ڄڻا مرڻينگ
ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌ سماچار) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ دهشتگردن جي فائرنگ، …