Monday , March 31 2025
Breaking News

وزيراعظم عمران خان جو هڪ وڌيڪ تاريخي يوٽرن

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان يوٽرنز جو سلسلو جاري رکندي هڪ وڌيڪ يوٽرن وٺي ورتو آهي، وفاقي حڪومت پاران ايمنسٽي اسڪيم جاري ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هڪ صدارتي آرڊيننس ذريعي لاڳو ڪئي ويندي ۽ صدر عارف علوي ڪنهن به وقت آرڊيننس جاري ڪري اسڪيم کي قانوني حيثيت ڏئي ڇڏيندو، هاڻي غيرقانوني طريقي سان ڪمايل دولت ۽ ان مان ٺاهيل ملڪيتون 4 کان 6 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻ بعد قانوني ڪرائي سگهند، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته، ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ جو مقصد رڳو پئسا ڪمائڻ نه پر ٽيڪس نيٽ وڌائڻ آهي. ڊاڪٽر حفيظ شيخ جو چوڻ هو ته ڪارو ناڻو ڪمائيندڙن لاءِ هي آخري موقعو هوندو، فائدو حاصل نه ڪندڙن کي جيل وڃڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *