Monday , March 31 2025
Breaking News

وزيراعظم عمران خان کي ڌچڪو- پنجاب پوليس ۾ سياسي مداخلت، صلاحڪار ناصر دراني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب پوليس ۾ سياسي مداخلت تي وزيراعظم پاران پوليس سڌارن لاءِ مقرر ڪيل ناصر دراني صلاحڪاري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي اڳوڻي آءِ جي ۽ وزيراعظم عمران خان پاران پنجاب پوليس ۾ سڌارن لاءِ مقرر ڪيل خاص صلاحڪار نار خان دراني پنهنجي  عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ناصر خان دراني پنجاب جي آءِ جي کي بدلي ڪرڻ ۽ پنجاب پوليس ۾ حڪومت جي سياسي مداخلت واري معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽس مطابق ناصر خان دراني اڱاري واري ڏينهن منجهند ڌاري پنهنجي عهدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي هئي، جنهن جو اطلاع پنجاب جي وڏي وزير؛ وزيراعظم عمران خان کي فون تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد وزير اعظم ناصر خان دراني سان رابطو ڪري کيس استعيفيٰ واپس وٺڻ جو چيو پر هُن انڪار ڪندي پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ جي هڪ ايم اين اي جو چوڻ آهي ته، وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته، ناصر دراني جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي وڃي ۽ ساڻس رابطو ڪري سندس خدشا ختم ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *