Tuesday , April 22 2025

وزيراعظم ملڪ تان قرض لاهڻ لاءِ مهاناگائي ڪرڻ جو اقرار ڪري ورتو

لاهور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته، ملڪ تي تمام گهڻو قرض آهي انڪري اهو لاهڻ لاءِ مهانگائي ڪرڻ مجبوري هو، جيڪڏهن مهانگائي نه ڪيون ته ملڪ تان قرض نه ٿا لاهي سگهون، لاهور ۾ پنجاب ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيرعاظم عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ جو ڪو به اهڙُ ادارو ناهي جيڪو گهاٽي ۾ نه هلندو هجي ۽ ان تي قرض نه هجي. پي ٽي آءِ جي حڪومت، گذريل حڪومتن پاران پيدا ڪيل معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. پريس ڪانفرنس دوران وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته بجلي جي منصوبن لاءِ ملڪ جي ڪاب خانگي بئنڪ اوڌرا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃي سگهون ٿا، ان بابت اڃا تائين ڪو ب ه حتمي فيصلو ناهي ڪيو، جيڪڏهن آءِ ايم ايف وٽ وياسين به ته ايندڙ سال وينداسين. پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته، ملڪ جي معاشي حالت سڌارڻ ۽ مٽاسٽا وارن ناڻي جي ذخيرن جي پورائي لاءِ ٽن ملڪن سان ڳالهيون هلندڙ آهن، جن کي درخواست ڪئي آهي ته اُهي پنهنجا ڏوڪڙ پاڪستاني اسٽيٽ بئنڪ ۾ جمع ڪرائين جيئن ڪجهه وقت تائين ان رقم جي بنياد تي ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذيرن ۾ بهتري اچي.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *