اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان، بينظير ڀٽو جي تصوير هٽائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، پ پ پارليامينٽيرينز جي ترجمان نفيسه شاهه اهڙي فيصلي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هي ته، ڊڪٽيٽر ضياءَ جي باقيات شهيد بينظير جي تصوير به برداشت نه ٿي ڪري. ڊاڪٽر نفيسه شاهه پاران بينظير انڪم سپورٽ پروراگرام جي لوگو مان شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير هٽائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن چيو آهي ته نواز ليگ جو اهو عمل بدنيتي تي ٻڌل آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته ضياءُ الحق جي لاڏلن جي دلين ۾ اڄ به شهيد متحرمه سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام محترمه بينظر ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد، خدمت ۽ قرباني کي خراج پيش ڪندي پاس ڪيو هو. هن چيو ته نواز شريف هن پروگرام کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو پر عالمي سطح تي هن اداري کي فنڊز ڏيندڙ ادارن مزاحمت ڪئي.تصوير هٽائڻ واري معاملي کي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۽ سينيٽ ۾ اٿاريو ويندو.
Tags Benazir Income support program BISP logo Nafeesa shah PPP Nafisa shah Benazir Income support program
Check Also
صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت
آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …