وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو لاڳو ڪري ڇڏيو، اوڳاڙي جي اجازت ملي وئي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت  پيٽروليم شين جي مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي عوام کان پنج کان ڏهه سيڪڙو اضافي منافعو  اوڳاڙڻ لاءِ اجازت ڏيڻ جي تياري ڪري ڇڏي آهي، اقتصادي رابطا ڪائونسل منظوري به ڏئي ڇڏي، پيٽروليم ڪمپنيون ۽ ڊيلرز پيٽروليم شين تي في ليٽر ٻن رپين کان وڌيڪ اوڳاڙينديون. اقتصادي رابطا ڪائونسل جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت سميت لاڳاپيل اختيارين جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.

اِي سي سي جي اجلاس ۾ آئل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي منافعي جي مارجن ۾ في ليٽر اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اِي سي سي جي اهڙي فيصلي سان عوام کان روزانو اربين رپيا اضافي اوڳاڙيا ويندا، اهڙي اضافي کانپوءِ پيٽروليم في ليٽر 2 رپيا 56 پئسا جو اضافي بار پوندو، جنهن مان هڪ رپيو 28 پئسا في ليٽر فوري طور عوام مٿان منتقل ٿي ويندو. ذريعن موجب پيٽروليم في ليٽر مارجن سان هڪ رپيو 22 پئسن تائين مهانگو ٿي ويندو، جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر تي ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي ڪميشن هڪ رپيو 34 پئسا وڏي ويندي، جيڪو بار پڻ سڌي ريت عوام تي ئي پوندو.

About admin

Check Also

مريم نواز جي ” اسان جو پاڻي، اسان جا پئسا، اسان جي مرضي“ واري بيان تي سينيٽ ۾ گوڙ

  اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان، ” اسان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *