Tuesday , April 22 2025

وقت اچڻ تي ٻڌائيندس مونکي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو: رضا رباني

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته وقت اچڻ تي ٻڌائيندس ته مون کي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو. هڪ نجي ٽي وي چيئنل جي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي چيو ته، سينيٽ چيئرمين دوران منهنجي ڪوشش رهي ته ايوان کي آئين، قانون ۽ سينيٽ جي قائدن ۽ ضابطن تحت هلايان؛ ان ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيس اُهو تاريخ ٻڌائيندي، مان پنهنجي ان ڪردار بابت ڪا به ڳالهه نه ٿوچوڻ چاهيان.

رضا رباني چيو ته، سندس ڪوشش رهي ته ادارن کي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي انهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ موقعو مهيا ڪيو وڃي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عسڪري قيادت به ملڪي حالتن بابت سينيٽ جي ايوان ۾ آئي ۽ بريفنگ ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ رضا رباني چيو ته، مونکي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو يا روڪيو ويو، ان بابت تاريخ پاڻ  ئي ڳالهائيندي، پر مان ان بابت وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *