Tuesday , April 22 2025

ويلنٽائن ڊي تي پابندي لاڳو، ڪير به ڪنهن کي گل نه ڏئي سگهندو…!!

valentine day1

 اسلام آباد هائيڪورٽ سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، ميڊيا کي ويلنٽائن ڊي جي ڪوريج نه ڪرڻ بابت پيمرا کي حڪم ڏنو آهي. جسٽس شوڪت صديقي جي سنگل بئنچ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار عبدالوحيد موقف اختيار ڪيو ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ اسلامي تعليم خلاف آهي، ويلنٽائن ڊي جي آڙ ۾ بداخلاقي ۽ بي حيائي ڦهلائي وڃي ٿي. درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته ويلنٽائن ڊي ملهائڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي. جسٽس شوڪت صديقي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي سرڪاري سطح ۽ عوامي هنڌن تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ تي پابندي لڳائڻ سان گڏوگڏ ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ لاءِ پيمرا چيئرمين کي هدايتون پڻ جاري ڪيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *