وڪيلن جون ڊگريون اصلي يا نقلي؟ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سياستدانن، پائليٽس ۽ بيوروڪريٽس کانپوءِ هاڻي وڪيلن جون به تعليمي ڊگريون جاچيون وينديون ته اُهي اصلي آهن يا نقلي. سپريم ڪورٽ وڪيلن جي جعلي ڊگريز واري معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، چيف جسٽس سمورين بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪندي هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڊگريز جي جلد تصديق لاءِ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ مختلف ڪيسن جي جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ميان ثاقب نثار وڪيلن جي جعلي ڊگرين جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ سمورن بار ڪائونسلز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت هدايت ڪئي سموريون بار ڪائونسلز هڪ مهيني ۾ فوري طور عمل ڪري  رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. سپريم ڪورٽ جعلي ڊگرين جي ڪيس ۾ سهڪار لاءِ هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي ڊگريز جي جلد تصديق لاءِ سهڪار ڪرڻ جي  به هدايت ڪئي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *