ٺل(سنڌسماءَچار نيوز) ڳوٺ يوسف ٻرڙو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان سئوٽن ۾ جهيڙو، جوابدارن فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. سومر جي رات دير سان ٺل ڀرسان ڳوٺ محمد يوسف ٻرڙو ۾ ٻارن جي ڳالهه تان سئوٽ پاڻ ۾ وڙهي پيا، جهيڙي دوران هڪ ڌر جي ماڻهن فائرنگ ڪري پنهنجي ئي ٻن سئوٽن کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار ٻن ڄڻن جي سزندگين جا ڏيئا اجهائي ڀڄي ويا. فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب 30 ورهين جو محمد يعقوب ۽ 45 ورهين جو علي حسن ٻرڙو ٿڏي تي مارجي ويا. جهيڙي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايا. اسپتال ۾ لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيا. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڊڄ واري صورتحال آهي ۽ پوليس واقعي جو ن ه ته ڪيس داخل ڪيو ۽ ن ه ئي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪارروائي ڪئي آهي.
Check Also
سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر
سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ …