ٺٽو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽو ويجهو شورا موري ڀرسان ٻوري بند لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. مڪلي پوليس اسٽيشن جي حد مان گلمنڊا روڊ تي کـڏي مان ھٿ پير ٻڌل ٻوري ۾ بند لاش ھٿ آيو آھي. مقامي ڳوٺاڻن لاش کڏي ۾ پيل ڏسي موقعي تي مڪلي پوليس کي اطلاع ڪيو، مڪلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺٽو مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ايڌي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو.مڪلي پوليس جو چوڻ هو ته لاش تقريبن 20 ڏينھن پراڻو آھي، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
Check Also
سيوهڻ ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام مافيا جي حملي ۾ نوجوان جي ڄنگهه ضايع
سيوهڻ / ڪراچي ( خاص نمائندو / چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) مستحق عورتن جي مالي مدد …
سنڌسماءَچار