Saturday , April 19 2025

ٻٻرلوءِ ڌرڻو: سنڌو مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف وڪيلن جو مارچ منزل طرف روان دوان

ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران اعلانيل ڌرڻو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ئي لڳايو ويندو، ڌرڻي کي ڪمون شهيد يا ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪو به پرگرام ناهي، طئي ٿيل آهي ته ڌرڻو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ئي رهندو، ڌرڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ بابت ڪجهه ماڻهو افواهون پکيڙي رهيا آحن، جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هن چيو ته ٻٻرلوءِ ۽ ڀرپاسي جي عوام، اتي موجود سياسي سماجي تنظيمن جي  اڳواڻن ڊاڪٽرز، آبادگارن، شهرين سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن لاءِ رهائش ۽ کاڌي پيتي سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن: وڪيل اڳواڻ عاقب راڄپر

ڪراچي / حيدرآباد/ خيرپور( رپورٽرز) سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪلڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف وڪيلن جو ڪراچي مان نڪتل مارچ حيدر آباد پهچڻ بعد منزل طرف روان دوان، ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻي جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل، وڪيلن ۽ عائقي واسين پاران پيئڻ جي پاڻي، کاڌي پيتي سميت گهرج جون شيون ڌرڻي واري هنڌ پهچائڻ جو سلسلو جاري.

سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي کي نيلام ڪري ڏيڻ خلاف، ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي اعلانيل ڌرڻو اڄ لڳي رهيو آهيو، جنهن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي  واري هنڌ تنبو لڳائي ايڪو سائونڊ، پيئڻ جي پاڻي ۽ گرمي کان بچاءَ لاءِ ڪجهه پکن جو به بندوبست ڪيو پيو وڃي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي اعلانيل ڌرڻي جي سنڌو درياءَ بچيو ڪميٽي، جي ڊي اي، ايس يو پي، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي، جيئي سنڌ قومي محاذ(آريسر)، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، حيدرآباد بار، مختلف ضلعن جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشنز، سياسي، سماجي تنظيمن، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن، سيو سنڌو ڊاڪٽرز فورم سميت سرگرم سماجي ڪارڪنن، مختلف برادرين، شاگردن پاران ڌرڻي جي حمايت ۽ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڌرڻي واري هنڌ تي سرگرميون تيزي سان جاري آهن.

ڪراچي مان نڪتل وڪيلن، سياسي سماجي اڳوانن ۽ ڪارڪنن جو قافلو ملير، ٺٽو کان ٿيندو حيدرآباد پهتو، جتي، حيدرآباد بار، جيئي سنڌ قومي محاذ شهيد بشير خان قريشي، يونيورسٽين جي شاگردن سميت سياسي سماجي تنظيمن پاران قافلي جي شاندار آجيان ڪئي وئي. هر طرف، سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور ۽ ڪئنالن جي حامين خلاف سخت نعريبازي به ٿيندي رهي. وڪيلن جون قافلو حيدرآباد ۾ ڪجهه دير ترسڻ ۽ رات جي ماني کائڻ بعد پنهنجي منزل ٻٻرلوءِ طرف روان دوان آهي.

ان سلسلي ۾ ڪراچي بار، سنڌهاءِ ڪورٽ بار جي سينيئر وڪيل ۽ سنڌ يونائيٽيڊ لائيرز فورم جي اڳواڻ فون تي رابطو ڪرڻ تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته ، وڪيلن پاران اعلانيل ڌرڻو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ئي لڳايو ويندو، ڌرڻي کي ڪمون شهيد يا ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو ڪو به پرگرام ناهي، طئي ٿيل آهي ته ڌرڻو ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ئي رهندو، ڌرڻي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ بابت ڪجهه ماڻهو افواهون پکيڙي رهيا آحن، جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي، هن چيو ته ٻٻرلوءِ ۽ ڀرپاسي جي عوام، اتي موجود سياسي سماجي تنظيمن جي  اڳواڻن ڊاڪٽرز، آبادگارن، شهرين سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن لاءِ رهائش ۽ کاڌي پيتي سميت ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن.

About admin

Check Also

ٻٻرلوءِ ڌرڻو، سنڌ جي زمينن تي قبضا ۽ ڪئنال سمورا نامنظور، تصويري جهلڪيون

ٻٻرلوءِ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئشن جي سڏ، ايس يو پي، جسقم، بشير خان قريشي، جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *