ٽرمپ جو غزا امن منصوبو، اسحاق ڊار جي پريس ڪانفرنس، پاڪستان جي موقف ۾ ڦيرو

پاڪستان حڪومت 24 ڪلاڪن اندر غزا امن منصوبي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي تعريفن کانپوءِ اوچتو پنهنجي  موقف ۾ ڦيرڦار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي

ٽرمپ جو امن منصوبو اُهو ناهي جنهن ۾ اسان جون سڀ تجويزون موجود هجن: اسحاق ڊار

 

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) پاڪستان حڪومت 24 ڪلاڪن اندر غزا امن منصوبي بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اعلان جي تعريفن کانپوءِ اوچتو پنهنجي  موقف ۾ ڦيرڦار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، پهريان ٽرمپ جي امن معاهدي جي مڪمل حمايت ۽ واکاڻ توڙي ٽرمپ پاران به پامن معاهدي جي پاڪستان طرفان مڪمل حمايت واري بيان کانپوءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ڪجهه ڦيرڦار سان بيان منظر تي اچي ويو آهي.

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا امن معاهدو سمورو جئين جو تيئن ائين ناهي جنهن ۾ پاڪستان جون سموريون تجويزون شامل هجن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ هج نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اسلامي ملڪن جي منصوبي تحت فلسطين ۾ امن فورس مقرر ٿيندي، انڊونيشيا 20 هزار امن فوجي فلسطين موڪلڻ جي آڇ ڪئي آهي، اميد ته پاڪستاني قيادت به فوج موڪلڻ بابت جلد فيصلو ڪندي، غزا جي سيڪيورٽي مقامي ماڻهن وٽ ئي هوندي، هڪ ملڪ حماس کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ذميواري کئين آهي.  فلسطين ۾ فلسطينين جي ئي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت هوندي، رڳو نگراني لاءِ ڪجهه عالمي ماهر شامل هوندا، ڊونلڊ ٽرمپ سان مسلمان ملڪن جي سربراهن جي ملاقات جي ايجنڊا غزا ۾ جنگ بندي هئي، ٽرمپ سان ملاقات دوران پاڪستان سميت 8 ملڪن غزا جو ڪيس اثرائتي انداز ۾ رکيو، فلسطين ۾ رتوڇاڻ روڪڻ ۽ انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي وارو معاملو به اٿاريو ويو، غزا جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. نائب وزيراعظم جو چوڻ هو ته، ٽرمپ جو امن منصوبو اُهو ناهي جنهن ۾ اسان جون سڀ تجويزون موجود هجن، ٽرمپ جي ٽيم کي چيو ته اوهان پهريان اسان کي پنهنجي سوچ ٻڌايو، 8ملڪن ڊونلڊ ٽرمپ کي اجلاس سڏائڻ جي درخواست ڪئي، جنگ ۾ پهريون مرحلو جنگبندي آهي ان کانپوءِ ئي ڪجهه ٿي سگهي ٿو، اهو اهم سوال آهي ته سموري معاملي ۾ اسرائيل ۽ نيتن جي ذميواري ڪير کڻندو، اساحا ڊار جو چوڻ آهي ته غزا امن معاهدو جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ پيش ڪيو آهي، اُهو سمورو جو سمورو ائين ناهي جيئن ان ۾ پاڪستان جون صلاحو ۽ مشورا شامل هئا.

 

About admin

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *