ڊونلڊ ٽرمپ ڪئنيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ ۽ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪلي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ، ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) نئين چونڊيل امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 47هين صدر ۽ نائب صدر جي ڊي وينس عهدن جو حلف کڻي ورتو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس حلف کڻايو، ڊونلڊ ٽرمپ، گلف آف ميڪسيڪو جو نالو گلف آف آمريڪا رکڻ، پاناما ڪئنال چائنا کان واپس وٺڻ جو به اعلان ۽ ڪئنيڊا کي به آمريڪا جو حصو بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حلف کڻڻ کانپوءِ پهريون خطاب ڪندي چيو ته، مخالفن خلاف حڪومتي طاقت استعمال نه ڪيو ويندو، آمريڪا ۾ غيرقانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني ويند، هُو پنهنجي سڃاڻپ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ طور پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو. ٽرمپ جو چوڻ هو ته تيل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ڪنداسين، حڪومتي سينسر شپ ختم ڪري اظهار جي آزادي مڪمل بحال ڪئي ويندي ۽ برابري جي بنياد تي انصاف فراهم ڪيو ويندو. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ کان خراب ڏينهن ختم ۽ آمريڪا جو سونهري دور شروع ٿي ويو آهي، آمريڪا جي خودمختياري کي ٻيهر بحال عظيم ملڪ بڻائڻ سمورا وسيلا استعمال ڪنداسين، هن چيو ته ملڪي سرحدن جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ قسم جو قدم کڻنداسين، هاڻي دنيا مان جنگين جو خاتمو آڻڻ سندس مشن جي پهرين ترجيح آهي. ڊونلڊ ٽرپم پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو ته آمريڪا جي واپاري ۽ سيڙپ واري نظام کي به بهتر ڪري ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ان جا فائدا هيٺئين سطح تائين پهچايا ويندا.