ٽڻڊوالهيار(رپورٽ: سجاد حسين سنڌسماءَچار) ٽنڊو الهيار ضلعي اندر پيٽرول پمپ مالڪن پاران پيٽرول جا وڌيڪ اگهه وٺڻ ۽ لاڪ ڊائون دوران مهانگي اگهه تي ڊيزل ۽ پيٽرول وڪرو ڪرڻ جي شڪايتن جو ضلعي انتظاميا نوٽيس ورتو، پمپ مالڪ ۽ آپريٽرز گرفتار ڪرڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جي وارننگ. ٽنڊي الهيار ضلعي جي سمورن پيٽرول پمپس مالڪن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ تيل نه هجڻ جو بهانو ڪري پمپس بند ڪرڻ ۽ بليڪ تي وڪري جي شڪايتن تي ڊي سي رشيد زرداري معاملي جو نوٽيس وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر کي پمپ مالڪن ۽ آپريٽرس خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اي سي پمپس جو معائنو ڪري معاملي جي جاچ ڪري پيٽرول ن ه هجڻ جي معاملي تي لاڳاپيل ڪمپنين سان رابطو ڪيو، اي سي موجب ڪمپنين پاران سڄي ملڪ ۾ تيل جا ڪا به کوٽ نه هجڻ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ به کوٽ نه هجڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد پيٽرول پپمس مالڪن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته آئينده هٿرادو کوٽ ڪئي وئي يا پيٽرول مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيو ويو ته سخت ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪرڻ سان گڏ پيٽرول پمپ به سيل ڪيا ويندا.
Check Also
تمام جلد…..ٻيهر اچي رهيا آهيون
سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ خوشخبري ڪجهه اڻٽر مجبورين سبب اوهان کي پري رهياسين، هاڻي جلد …