ٽنڊوڄام: ڳوٺ شاهنواز جي گهر مان 7 گهر ڀاتين جا 2 ڏينهن پراڻا لاش هٿ

ٽنڊوڄام: ڳوٺ شاهنواز جوڻيجو ۾ 7 گهر ڀاتي فوت
sindhsamaachar.com

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ٽنڊي ڄام ويجهو ڳوٺ  شاهنواز جوڻيجو جي هڪ گهر مان عورتن ۽ ٻارڙن سميت گهر مان هڪ ئي ڪٽنب جي 7 ڀاتين جي لاشن هٿ اچڻ واري معاملي پوليس ۽ علائقي واسين کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، گهرڀاتين جو موت ڳجهارت بڻجي ويو آهي، ايس ايس پي سرفراز نواز شيخ جو چوڻ آهي ته لاش 2 ڏينهن پراڻا لڳي رهيا آهن، ستن ئي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدر آباد منتقل ڪيو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي خبر پئجي سگهي ٿي. ٽنڊو ڄام ڀرسان اسحاق جوڻيجو جي گهر مان 7 گهر ڀاتين جي هٿ آيل لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاشن جي سڃاڻپ گهر ڌڻي 55 سالن جي 55 ورهين جو اسحاق جوڻيجو، 45 ورهين جي شهناز زال اشرف حيات عمر جوڻيجو، جواد پُٽ اشرف حيات عمر، 14 سالن جي فائزه ڌيءُ حيات عمر، 13 ورهين جي نِشا ڌيءُ حيات عمر، 12 ورهين جي عليزا ۽ 10 ورهين جي لاريب ڌيءُ حيات عمر جوڻيجو طور ٿي آهي. پوليس لاش تحويل ۾ وٺن بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *