ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پارا چنا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ٿيل جرڳي کانپوءِ به امن بحال نه ٿي سگهيو، امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلن تي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي. ميڊيا رپورٽس مطابق خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪُرم جي بگان واري علائقي ۾ پاراچنار ڏانهن امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ڪُرم ضلعي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر قيصر عباس ميڊيا جي نمائندن کي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پاراچنار ڏانهن امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هينئر تائين مارجي ويلن ۾ 6 ڊرائيورن، هڪ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ ٻن مسافرن سميت 10 ڄڻا شامل آهن. ڊي ايڇ او ڪُرم جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن پاراچنار مدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا هئا.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …